پير اشرف شاھ ڪاماري واري جي مزار

پير اشرف شاھ ڪاماري واري جي مزار

پير اشرف شاھ ڪاماري وارو

پير اشرف شاھ ڪاماري وارو: ڪاماري شريف جي مشهور شاعر پير اشرف شاهه بن شيخ محمد غوث 1799ع ۾ تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ ڪرم خان جماليءَ ۾ جنم ورتو. هنن بزرگن جو نسبي سلسلو ملتان جي بزرگ شيخ بهاءُ الدين زڪريا جي خاندان سان ملي ٿو. پير اشرف شاهه جي والد جي وفات بُڪيرن ۾ ٿي، جتان کڻائي کيس ڪاماري ۾ رکيو ويو. پير اشرف شاهه جو لاڙو فقيريءَ ڏانهن هو. هالن جي ويجھو رهندڙ سيد محسن شاھه سان سندس والد پير غوث محمد جي ويجهڙائي هئي. اشرف شاھ به سندس ارادتمند ٿيو. پير صاحب جي زندگيءَ ۾ هڪ دکدائڪ واقعو ٿيو. سندس جوان پٽ کي ڳوٺ راڄي خاناڻيءَ وٽ شهيد ڪيو ويو، جنهن صدمي کيس جهوري وڌو. قاتل وٽس معافي لاءِ آيا ۽ پير صاحب دل تي پٿر رکي، کين معاف ڪري ڇڏيو. راڄي خاناڻيءَ مان بڪيرن ڏي لڏڻ ۽ اُتان ڪاماري ۾سڪونت پذير ٿيڻ جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگھي ٿو. پير صاحب مريدن جي روحاني تربيت سان گڏ سندن سماجي مسئلا به حل ڪندو هو. انگريزن خلاف آزاديءَ جي جنگ ۾ به بهرو ورتائين. مولانا ابوالڪلام آزاد جو مداح هو ۽ سندس اخبار ’الهلال‘ لاءِ چندو ڪري موڪليندو هو. پير اشرف شاهه جو ڪلام، ڪافين، مولودن، مداحن ۽ بيتن تي مشتمل آهي. سندس ڪلام جو مجموعو گادي نشين پير ميان خان محمد 1914ع ۾ ليٿـي ۾ ڇپايو هو، جنهن کي بعد ۾ ’ڪلام اشرف‘ جي نالي سان نامور شاعر، نياز همايونيءَ ترتيب ڏئي ڇپايو. پير صاحب 14 ربيع الاول، آچر جي رات 1277هه مطابق 1820ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو